بيروت-28 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۾ درجنين فلسطيني پناهگيرن هالينڊ جي سفارتخاني سامهون احتجاجي ڌرڻ?? هنيو جنهن ۾ فلسطيني اڳواڻ امين ابو راشد جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، جيڪو تقريبن 3 مهينن کان هالينڊ ۾ حراست هيٺ آهي. مظاهرين لبنان ۾ ڊچ سفير کي ابو راشد جي امداد مان فائدو کڻندڙ خاندانن طرفان هڪ يادداشت پيش ڪئي جنهن ۾ سندس آ??ادي جو مطالبو ڪيو ويو. ڊچ سيڪيورٽي عملدارن گذريل جون ۾ ابو راشد کي گرفتار ڪيو هو ۽ ان تي سلامي تح??يڪ مزاحمت حماس سان جڙيل تنظيمن کي رقم م??ڪلڻ جو الزام لڳايو ويو هو، ڊچ عملدارن ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي مدد سان حماس کي 5.5 ملين يورو منتقل ڪيا، جنهن کي ڪيس جي ٻڌڻي تائين آزاد ڪيو ويو، واضح رهي ته ڊچ عملدارن ابو راشد کي بنا ڪنهن ڪيس جي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان حراست ?? رکيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت