گڏيل قومون-16 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل غزه ۾ جاري جنگ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ??گهي مد?? واري وقفي ۽ غزه جي پٽي ۾ امداد جي فراهمي جي مطالبي تي ٻڌل قرارداد منظور ڪري ورتي، جڏهن ته اسرائيل ان قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگ ۾ ڊگهي مد?? وارا وقفا ڪيا وڃن ۽ غزه جي پٽي ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، عام شهرين خاص طور تي ٻارن جي حفاظت ۽ يرغمالين کي غير مشروط طور آزاد ڪيو وڃي. قرارداد ۾ ڌرين کان عالمي قانونن جي پا??دا??ي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، هي قرارداد مالٽا طرفان پيش ڪئي وئي آهي جنهن جي حق ۾ سلامتي ??ائونسل جي 15 مان 12 ميمبر ملڪن ووٽ ڏنو، مخالفت ۾ ڪنهن به ووٽ ناهي ڏنو جڏهن ته 3 مستقل ميمبرن آمريڪا، برطانيه ۽ روس راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو. اسرائيل گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل طرفان غزه ۾ جاري اسرائيلي فوج جي ڪاررواين ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ??گهي وقفي جي قرارداد رد ڪري ڇڏي آهي، گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي نمائندي گيلار داردان هڪ بيان ۾ چيو ته ان قرارداد جو حقيقت سان ڪو به تعلقي ناهي ۽ هي بي معنيٰ آهي.اسرائيلي سفير چيو ته سندن ملڪ عالمي قانون موجب ڪم جاري رکندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه ۾ جاري جنگ ۾ ڊگهي مدي واري وقفي ۽ انساني امداد جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي قرارداد منظور، اسرائيل قرارداد رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان