دوحه- 06 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) ج?? اڳواڻن اسرائيل طرفان غزه ۾ عالمي قانونن جي کلي?? خلاف ورزي جي مذمت ڪئي آهي، سربراهن خطي کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺندي چيو ته جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا. العريبيه نيوز موجب دوحه ۾ ٿيل جي سي سي جي 44 هين سربراهه ڪانف??نس جي پڄاڻي تي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي قدمن سان نه رڳو عالمي قانونن پر عالمي انساني قانونن جي به کلي?? خلاف ورزي آهي، جي سي سي ملڪ غزه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهن. ڪانف??نس ۾ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب 6 ملڪي ڪائونسل جي ميمبرن اسرائيل جي غزه ۾ جاري فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي جنهن سبب نه رڳو عام شهري بي گهر ٿيا پر سويلين انفراسٽرڪچر سميت رهائشي عمارتون، اسڪول، اسپتال ۽ عبادتگاهون تباهه ٿيون. ميمبرن طرفان اسرائيل جي فلسطيني عوام خلاف کليل جارحيت تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ عزه ۾ جاري جنگ جي پکڙجڻ جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ويو ته غزه جي رهواسين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ غزه ۾ فوري طور تي انساني همدردي جي بنيادن تي ٻ??هر جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو.
غزه تي اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي، جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا: نار تعاون ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا