گڏيل قومون -14 مئي (اي پي پي) رفح ۾ اسرائيل جي بمباري جاري اهي، ان دوران هڪ هفتي ۾ اٽڪل 3 لک 60 هزار ف??سط??ني لڏپلاڻ ڪري چ??ا آهن، انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي اٽڪل معطل آهي ۽ اسرائيلي بمبا??ي ۾ گڏيل قومن جو هڪ ۽ امدادي ڪارڪن به مارج?? ويا آهن. ف??سط??ني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي گذريل ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ اسرائيلي فوج طرفان اوڀر رفح ۾ رهندڙ ف??سط??ني شهرين کي پنهنجون پناهه گاهون ڇڏڻ جو حڪم جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ هفتو پهرين نيڪال جي پهرين حڪم کان پوءِ اٽڪل 3 لک 60 هزار ف??سط??ني رفح مان لڏپلاڻ ڪري چ??ا آهن. غزه ۾ اسرائيلي جنگ ۾ مارج?? ويل گڏيل قومن جي عملي جو انگ 189 ٿ?? ويو آهي. گڏيل قومن غزه ۽ اولهه ڪناري جي 30 لک کان وڌيڪ ف??سط??ني شهرين جي مدد لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 2.8 بلين ڊالرن جي اپيل ڪئي آهي.
رفح ۾ اسرائيلي بمباري جاري، 3 لک 60 هزار فلسطيني لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن: يو اين آر ڊبليو اي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن