واشنگٽن – 13 آگسٽ (اي پي پي )آمريڪا بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ پنهنجي مداخلت بابت الزامن کي رد ڪ??دي چيو آهي ته ان ??عا??لي ۾ اسان جو ڪ?? ڪردار ناهي. پرڏيهي اداري جي رپورٽ وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪرائن جين پيئر پريس بريفنگ دوران ٻڌايو آهي ته بنگلاديشي حڪومت جي ڪيرائڻ ۾ اسان جو ڪ?? ڪردار ناهي ، ان ??عا??لي ۾ اسان جي ملوث هجڻ بابت اطلاع يا افواهون سراسر غلط آهن . هن چيو ته اسان سمجون ٿا ته بنگلاديش جي عوام کي پنهنجي حڪومت جي مستقبل جو پاڻ کي فيصلو ڪرڻ گهرجي . واضع رهي ته گذريل ڏينهن ڀارت ۾ اڪنامڪ ٽائيمز اخبار ج?? هڪ رپورٽ ۾ حسينه واجد جو حوالو ڏي??دي ٻڌايو ويو هو ته آمريڪا کيس بي دخل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ڇو ته هو بنگلاديش جي نار بنگال ۾ واقع ٻيٽ سينٽ مارٽن تي پنهنجو ڪ??ٽرول چاهي ٿو. اخبار چيو آهي ته حسينه واجد اهو پيغام پنهنجي ويجهن ساٿين ذريعي کين پهچايو هو . حسينه واجد جي پٽ ان کان پوءِ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس والده اهڙو ڪ?? به بيان ناهي ڏنو.
حسينه واجد جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ مداخلت بابت الزام بي بنياد آهن، ان ۾ اسان جو ڪو ڪردار ناهي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ