ڪ??ئي??ا – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪ??ئي??ا شهر کان 13 ڪلوميٽر پري سرياب روڊ تي واقع هڪ پوليس ٽريننگ سينٽر تي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات 3 دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ فرنٽير ڪور جا 59 ڪيڊٽس شهيد، 90 ٻيا ڪيڊٽس ۽ آفيسر زخمي ٿي پيا. صوبائي گهرو وزير ۽ آء?? جي ايف سي واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايوته دهشتگردن جو تعلق لشڪر جهنگوي العالمي سان هو. سينڊيمن سول ??سپتال ڪ??ئي??ا جي ڊاڪٽرز مطابق اسپتال ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جا 156 لاش پيا آهن جڏهن ته بولان ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميه ٻڌايو ته ان وٽ 3 لاش آندا ويا آهن، صوبائي گهرو وزير مير سرفراز بگٽي ۽ انسپيڪٽر جنرل فرنٽيئر ڪور بلوچستان ميجر جنرل شير افگن ٻڌايو پابندي مڙهيل عسڪري تنظيم لشڪر جهنگوي العالمي سان تعلق رکندڙ 3 آپگهاتي بمبارن سومر تي رات جو دير سان پوليس ٽريننگ سينٽر جيڪو 112 ايڪڙن تي پکڙيل آهي ۽ جنهن ۾ 700 کان 800 ريڪروٽس کي تربيت ڏيڻ جي صلاحيت آهي، تي حملو ڪيو.
ڪوئٽا سانحي ۾ 59 ڪيڊٽس شهيد، 90 ڪيڊٽ ۽ آفيسر زخمي
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil