اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تنصيب ۽ عسڪري سرگرمين سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا لاحق آهن، اسان پنهنجي قو??ي مفادن کان پوري ريت ??گا??ه ۽ وڌندڙ ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا، پاڪستان زمين ۽ سمنڊ ۾ پنهنجي مفادن ۽ دف??ع جي غرض سان سامونڊي رستن کي کليو رکڻ لاءِ نمايان بحري موجودگي برقرار رکندو، پاڪستان ??حر هند جو ٽيون اهم ملڪ آهي ۽ ??حر هند خطي ۾ پرامن نيوي گيشن ۽ سلامتي سان پاڪستان جا مفاد لاڳاپيل آهن، حڪومت سمنڊ ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، ڪالهه ڪراچي ۾ ستين ميري ٽائي?? عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار چيوته پوري خطي جي فائدي جي لاءِ ??حر هند کي امن ۽ خوشحالي جو مرڪز بنائڻ جي ضرورت آهي، ??حر هند جي اهميت کي اجاگر ڪندي سرتاج عزيز چيو ته ??حر هند وچ ايشيا، آفريقا ۽ آسٽريليا کي يورپ سان ملائي ٿو، هن چيو ته ??حر هند جو خطو سياسي ۽ معاشي لحاظ کان انتهائي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي، هي نه رڳو وچ ايشيائي، ڏکڻ ايشيا، آفريقا جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آهي پر دنيا ۾ تيل ۽ گئس جي 30 سيڪڙو ذخيرا ان خطي ۾ موجود آهن، عالمي واپار جو وڏو حصو ??حر هند کان ويندو آهي
هندي سمنڊ ۾ ايٽمي هٿيارن جي تنصيب ۽ عسڪري سرگرمين سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرا لاحق آهن: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis