اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اين آر او جو سهارو چور وٺندا آهن، اسان ڪو ڌاڙو ناهي هنيو، مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام وڏي صاف ۽ شفاف انداز ۾ هلايو آهي اسان کي ڪنهن اين آر او جي ڪا ضرورت نه آهي، گاريون ڏيندڙن سان ڪهڙيون سياسي ڳالهيون ڪيون وڃن؟ انهن سان ڳالهيون ايندڙ چونڊن جي موقعي تي ئي ٿينديون. هن اهڙن خيالن جو اظهار پا??لياماني رپورٽر?? ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پي آر اي جي آجيان ڪندي چيو ته اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ پا??ليامينٽ جي ڊائري اڃا به اسان جي تڪن ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ وڏي دلچسپي سان پڙهي وڃي ٿي. سياسي ڳاله ٻولهه ۽ ڳالهين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي ماڻهو پا??ليامينٽ تي لعنت وجهي رهيا آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون وڃن؟ هر سياسي پا??ٽي پنهنجي طور تي ان ڳالهه لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته اها ڪهڙي طرح ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي پنهنجي طرف راغب ڪري سگهي.
مسلم ليگ (ن) حڪومتي نظام شفاف انداز ۾ هلايو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado