رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب ۾ فضائي مسافرن جي انگ ۾ گذريل سال غير معمولي اضا??و رڪارڊ ٿيو آهي. اردو نيوز موجب سال 2023ع ??ور??ن 112 ملين مسافرن مملڪت جي ايئر پورٽس تان سفري سهولت حاصل ڪئي. سول ايوي ياشن جي سروي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2023 ۾ مسافر ن جي انگ ۾ ٿيندڙ اضافو سال 2022 جي مقابلي ۾ 26 سيڪڙو رهيو ڪورونا وبا کانپوءِ مملڪت ۾ فضائي شعبي ۾ به??ري آئي آهي. سول ا??وي ايشن پاران جاري ڪيل ا??گن اکرن موجب وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل سال 2023 ۾ 8 لک 15 هزار اڏامون مملڪت جي ايئر پورٽس تي اچن. اهو انگ سال 2022 جي مقابلي ۾ 16 سيڪڙ?? وڌيڪ آهي. گذريل سال ا??ٽر نيشنل مسافرن جو انگ 61 ملين جڏهن ته عالمي اڏامن جو انگ 3 لک 94 هزار رهيو ڪنگ عبدالعزيز ايئر پورٽ ملڪت جي مصروف ترين ايئر پورٽس ۾ سڀ کان اڳيان رهيو اتي ڪلاڪ ۾ 30 اڏامن جي آمد رفت ريڪارڊ ڪئي وئي ٻئين نمبر تي رياض جو ڪنگ خالد انٽر نيشنل ا??ئر پورٽ رهيو ، اتي في ڪلاڪ 27 اڏامن جي آمد رفت ريڪارڊ ڪئي وئي ڪنگ فهد انٽر نيشنل ا??ئر پورٽ ٽئين نمبر تي رهيو اتي هڪ ڪلاڪ ۾ 11 اڏامن جي آمد رفت رهي . پوئين سال 2023 ۾ اندروني مملڪت اڏامن جو انگ ۾ به غير معمولي اضا??و ريڪارڊ ڪيو ويو گذريل سال ڊوميسٽڪ مسافرن جو انگ 51 ملين ۽ اڏامن جو انگ 4 لک 21 هزار رهيو .
سعودي عرب جي ايئر پورٽس تي مسافرن جي انگ ۾ غير معمولي اضافو ريڪارڊ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا