واشگٽن – 26 جولاءِ (اي پ?? پي) آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس غزه جي حوالي سان آمريڪي پاليسي ۾ وڏي تبديلي جو اشارو ڏيندي صدر جوبائيڊن جي ابتڙ سخت ل??جو اختيار ڪندي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي زور ڀريو آهي ته هو غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري. اي ايف پي مطابق اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ جاري بيان ۾ ڪملا هيرس چيو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو وقت اچي چڪو آهي. ڪملا هيرس امڪاني ??ور ايندڙ صدار??ي چونڊ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار هوندي. ڪملا هيرس غزه ۾ انساني ??حران جي حوالي سان سخت ل??جي ۾ کلي نموني ڳال??ائ??ندي چيو ته گذريل 9 مهينن دوران غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو تباهي پکيڙيندڙ آهي. آمريڪي نائب صدر چيو ته اسان وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ڏکيائين جو شڪار ٿيڻ تي پاڻ کي بي حس ٿيڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ۽ هو مستقبل ۾ ان تي خاموش نه رهنداسين. هن فلسطيني ??ياست جي قيام جو مطالبو به ڪيو ۽ غزه ۾ جنگ بندي ۽ ڌرين کي يرغمالين جي آزادي جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪملا هيرس واضح ڪيو ته هوءَ غزه تي اسرائيل جي فوج جي موجودگي مان مطمئن ناهي.
غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو وقت اچي چڪو آهي: آمريڪي نائب صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ