انقره-06 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي حڪمران اي ڪي پارٽي (اي ڪي پي) جي اتحادي نيشنلسٽ موومينٽ پارٽي (ايم ايڇ پي) جي اڳواڻ دولت ڀوجيلي رجب طيب اردوان جي صدارت جي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش ??ري ڇڏي. ميڊيا موجب هن ايم ايڇ پي جي قانونسازن سان پارلياماني تقرير ۾ چيو ته صدر کي 2028ع جي چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ آئيني ترميم تي غور ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي ۽ مهانگائي جو خاتمو ٿي وڃي ۽ ترڪيه سياسي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ??ري وٺي ته ڇا صدر جي ٻيهر چونڊ فطري ۽ درست نه هوندي. جيڪڏهن 600 سيٽن واري پارليامينٽ ۾ 360 قانونساز آئيني ترميم جي حمايت ڪن ته ان جي لاءِ ريفرنڊم ڪرائي سگهجي ٿو. وقت سان چونڊن لاءِ 360 پارليامينٽ جي ميمبرن جي حمايت جي به ضرورت هوندي آ??ي. اي ڪي پي ۽ ان جي اتحادين جون 321 جڏهن ته ڊي اي ايم جون 57 سيٽون آهن. ياد رهي ته گذريل سال ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ صدر طور اردوان پنهنجو آخري مدو پورو ??ري رهيو آهي، جيستائين آئين موجب پارليامينٽ وقت کان اڳ چونڊن جو مط??لبو نه ڪري. هن پهرين وزيراعظم ۽ پوءِ صدر جي حيثيت سان ترڪيه تي 21 سالن کان وڌيڪ عرصي تا??ين حڪومت ڪئي.
رجب طيب اردوان جي صدارتي مدي ۾ واڌ لاءِ آئيني ترميم پيش
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں