مانسهره – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ نئون پاڪستان اسان ٺاهي رهيا آهيون، عوام پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ٻاهر اڇلائيندو، سازشون ڪندڙن کي عوام منهن ڏيندو، اسان نعرا هڻڻ تي نه ڪم تي يقين رکون ٿ??. ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اڄ ڍڍيال ۾ اچي کيس تم??م گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ان جو هتان جي عوام اندازو نه ٿي ڪري سگهي، عوام جو جوش ۽ جذبو ۽ پراميد چهرو ڏسي تم??م گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته اڄ آئون ترقي ۽ خوشحالي جي سفر تي نڪتو آهيان، جلسن، جلوسن جي مهم تي نه، اڄ هتي الله جي فضل ۽ ??رم سان هڪ تاريخي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته مون سدائين چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ??رم سان اسان پوري پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي ۽ ان جي بهتري جو ۽ بيروزگاري جي خاتمي جي ايجنڊا رکون ٿ??، اسان جي ڌرڻن جي ايجنڊا نه ??هي، اسان ملڪ کي بهترين ملڪ بڻائڻ جي ايجنڊا رکون ٿ?? ۽ ملڪ ان طرف گامزن آهي. هن چيو ته مون کي هتي موٽروي ٺهڻ تي تم??م گهڻي خوشي آهي، برهان ??ان حويليان تائين موٽروي تي پهرين مرحلي ۾ ڪم شروع ڪيو، هاڻي حويليان ??ان شنڪاري تائين موٽروي شروع ٿي رهي آهي، هي ان موٽروي کان ??نهن به طرح گهٽ نه ??هي جيڪا لاهور ۽ اسلام آباد يا پشاور وڃي رهي آهي، اها به ڇهن ڦاڪن واري آهي ۽ هي به ڇهن ڦاڪن واري آهي.
وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڍڍيال ۾ عوامي ميڙ کي خطاب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار