اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀاڻ تي سبسڊي برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبادگار پاڪستان جي معيشت ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته زراعت ملڪي معيشت ۾ مرڪز?? حيثيت رکي ٿي ۽ جي ڊي ??ي گروٿ ۾ اضافي لاءِ شاندار فصل حاصل ڪرڻ لاءِ آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ گهرجن. ڀاڻ تي سبسڊي ??اءِ 28 ارب ر??پيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جو برابر حصو هو. 28 ارب ر??پيا خرچ ٿيڻ تي خوراڪ جي قومي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت ۽ فنا??س ڊويزن ڀاڻ تي وڌيڪ سبسڊي ختم ڪري ڇڏي هئي تنهن ه??ندي به وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ تي سبسڊي جاري رکي وڃي ته جيئن آبادگار برادري کي ان جو فائدو ملي ۽ شاندار فصل حاصل ڪرڻ جو هدف پورو ٿي سگهي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا