اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پ??ڪس??ان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سفير ڪنوري مستسودا سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڊ??ٽي اسپيڪر چيو ته پ??ڪس??ان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پ??ڪس??ان ۾ زراعت، معدنيات، سياحت، ماهيگيري، تعميرات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. موجوده حڪومت پ??ڪس??ان ۾ هائوسنگ شعبي ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ جاپان جي سيڙپڪارن جي لاءِ پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن.
پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado