اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي کان ??ڄي ملڪ ۾ تعليمي اد??رن ۾ تعليمي سرگرميون بحال ٿي وينديون ۽ ٽي ڪروڙ ٻ??رن جو اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو بحال ٿي ويندو، ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪورونا جي خلاف حفاظتي تدبيرن سميت ماسڪ جي استعمال تي سختي سان ??مل ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ کي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ اڏامون جاري ڪرڻ، ٽي سي پي طرفان ??رآم?? ڪيل ڪڻڪ جي حوالي سان پري شپمينٽ ايجنسين کي پري شپمنٽ انسپيڪشن جي هڪڙو ڀيرو ۽ افغانستان ??ي حوالي سان ??جويز ڪيل ويزا پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي مالي سال 2018ع، 2019ع ۽ 2020ع ۾ حڪومتي قرضن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت کي ٽي کرب روپين جو قرض ورثي ۾ مليو، جنهن جون قسطون ادا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان ??چائڻ جي لاءِ حڪومت کي وڌيڪ قرض وٺڻا پيا.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔