اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پ??ڪستان جي ڪورونا وائرس جي وبا جي خلاف شاندار حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، انهي حڪمت عمل?? جي ڪري اڄ اسان جون حالتون دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا بهتر آهن، سياسي مخالفن جو ڪم مايوسي ۽ ڪوڙ پکيڙڻ آهي، ت??ري?? انصاف جا ڪارڪن حقيقتون بيان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪستان ڪنهن جدا سياري تي نه آهي، حقيقت اها آهي ته اڄ پاڪستان جي انڊسٽري بحال ٿي چ??ي آهي، ڪنسٽرڪشن سيڪٽر پوري طرح فعال آهي، زرعي معيشت خوشحال آهي ۽ آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته مزدور، آبادگار ۽ انڊسٽري س??ورن جي آمدنين ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ انشاءَ الله 6 کان 8 مهينن ۾ عالمي قيمتون به نارمل ٿيڻ شروع ٿي وينديون.
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے