اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارلي??مي??ٽ جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارلي??مي??ٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان ليس ڪيو وڃ??، لاڳاپيل ادارا منصوبي کي ترجيح ڏين ۽ وڌيڪ دير کان بچڻ لاءِ وقت سر فيصلا ڪن. هو ايوان صدر ۾ سائبر ايفيشينٽ پارلي??مي??ٽ بابت صدارتي قدمن ??ي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪر?? رهيو هو، اجلاس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پراجيڪٽ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس کي منصوبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ شامل مختلف عمل ??ي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي هڪ مقرر وقت جي اندر منصوبي کي عمل جامو پارائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪر?? رهي آهي، پراجيڪٽ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اي سلوشنز پارلي??مي??ٽ جي ڪارڪردگي کي نمايان طور تي وڌائڻ سان گڏوگڏ قانونسازي جي ڪم کي فوري طور تي اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته شفافيت آڻڻ ۽ گورننس ۽ سرڪاري ادارن جي جوابدهي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪاري کاتن جي ڊجيٽل تبديلي لاءِ قدم کنيا پيا وڃ??.
صدر پاران پارليامينٽ جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں