اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، مسلسل ٻيون ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي آهي، او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا و??ا آهن، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا، اسلامو فوبيا جي معاملي تي وز??راعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي. او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا و??ا آهن، پرڏ??هي سيڪريٽري ۽ پرڏ??هي آفيس جي ٻين عملدارن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو، سمورا انتظام اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته او آءِ سي سيڪريٽريٽ جا ڪيترائي عملدار اچي چڪا آهن جڏهن ته آچر جي صبح مصر جو پرڏيهي وز??ر پڻ ??جلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي چڪو آهي ۽ ان سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي، اڄ سومر کان ٻين ملڪن جي پرڏيهي وز??رن جي آمد متوقع آهي، او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، ماڻهن جي تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ پوري قوم جون نظرون ان تي لڳل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ ٻئي پٺيان او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي، اجلاس جي تفصيلي ايجن??ا آهي ۽ امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي صورتحال تي پڻ ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان قراردادن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ڪجهه ڪم باقي آهي، اميد آهي ته مهمان نه رڳو انهن معاملن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا پر مطمئن ٿي واپس ويندا. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر آهي ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي، هن اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪستان کان جيڪو ٿي سگهيو پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته هلندڙ سال هن اجلاس جي اهميت اسان جي لاءِ ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته هي پاڪستان جو 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جو سال آهي، جيترا پرڏيهي وز??ر اچي ره??ا آهن، اهي 23 مارچ تي نيشنل ڊي پريڊ ۾ پڻ ??رڪت ڪندا ۽ پوري قوم وڏي گرم جوشي سان انهن جو استقبال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامو فوبيا جي معاملي تي وز??راعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي، هن سڀ کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آخرڪار گڏيل قومن اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ڪئي، هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو، مسلمان امت جي دل آزاري جي تدارڪ جي لاءِ هي وڏو قدم آهي.
اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔