اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن ل??ڳا??ن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملن جي وچ ۾ تعميري رابطا خطي ۾ امن ۽ ترقي کي فروغ ڏيندا. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر الهان عمر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻطرفي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۾ بهتري ايندي. صد?? چيو ته ڀارت ۾ م??دي حڪومت پاران اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ م??وث آهي ۽ هو انهن جي خلاف انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي. صد?? آمريڪي ڪانگريس ميمبر سان ملاقات دوران خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو آهي ۽ آمريڪي واپاري ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ل??ڳا??ن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن اسلامو فوبيا جي خلاف پاڪستان جي ڪردار خاص طور تي ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ قرارداد جي منظوري کي ساراهيو.
پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ