اسلام آباد – 15 –; جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ سوين قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته انهن جي ذميدارن جو تعين ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ??لين ٽري سونامي جي دعوائن ۾ قديم ۽ قيمتي وڻن جي واڍي ڪيئن ٿي حقيقتون قوم جي سامهون آڻينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بلين ٽري سونامي ريڊيو پاڪستان جا وڻ کائي وئي، ??لين ٽري ڪرپشن سونامي سان ريڊيو پاڪستان جي وڻن جي واڍي جا ثبوت برآمد ٿيا آهن، ظاهري طو?? لڳي ٿو ته اها سڄي ڪارروائي مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ عمل ۾ آئي، ??طلاعات واري وزير لاڳاپيل عملدارن کان فوري طور تي ان معاملي جي رپورٽ گهري آهي، ??طلاعات واري وفاقي وزير، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽِينڊنگ ڪميٽي جي مڪمل ڪارروائي جا منٽس ۽ ريڊيو پاڪستان جي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جي ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين ۽ راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، وڻن جا قسم، انهن جون عمرون ۽ انهن جي مارڪيٽ قيمت جي تعين لاءِ ماهرن جي مدد نه ورتي وئي، ??نب، ٽالهي، ??هتوت، ريٽا ۽ شاه بلوط سميت 600 کان وڌيڪ وڻن جي واڍي سنگين معاملو آهي، ??ميدارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان راولپنڊي ۾ وڻن جي واڍي جو سخت نوٽيس ورتو
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ