اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي مو??عي تي مشهد جو دورو ڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري ڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشهد جي هوائي اڏي تي پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل يعقوب علي نظري ڪيو. پرڏيه?? وزير مزار تي حاضري ڀري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون ۽ آستانه قدس رضوي جي متولي ۽ معتمد حجت الله والمسلمين احمد ماروي سان ملاقات ڪئي. پرڏيه?? وزير پرامن گڏيل بقاءَ، سمورن مذهبن جي احترام ۽ انسانيت جي لاءِ رحمت تي ٻڌل اسلامي تعليم جي حقيقي روح جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين جي لاءِ انتظامن تي حجت الله احمد ماروي جا ٿور?? مڃيا ۽ ايران ۾ انهن جي داخلا ۽ رهائش جي سهولت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔