اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي ملڪ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي جي خل??ف جنگ ۾ پاڪ فوج جيڪي قربانيون ڏنيون انهن جو مثال نه ٿو ملي، پوري قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي ۽ قوم پاڪ فوج جي ان??ن عظيم جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي جن ملڪ طرف ميري اک سان ڏسندڙن جو سينو تاڻي مقابلو ڪيو ۽ ملڪ جي عزت تي ڪا آنچ اچڻ نه ڏني. دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جدا جدا پيغامن ۾ اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي 1965ع جي ان??ن عظيم شهيدن جي ياد ڏياري ٿو جن ڀارت جي ڪڌن ا??اد?? کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو ان جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. اسپيڪر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ پاڪ فوج جي موجودگي ۾ ڪو دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته دفاع جو ڏهاڙو ان??ن عظيم قربانين جي هڪ لازوال داستان آهي جيڪا 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن ملڪ جي لاءِ وڙهندي پيش ڪئي. هن چيو ته مستقبل ۾ به جڏهن ملڪ تي ڪو مشڪل وقت آيو ته پوري قوم 1965ع جي جنگ وانگر پنهنجي فوج سان گڏجي دشمن جو مقابلو ڪندي. هن 1965ع جي شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو ته پنهنجي فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن تي فخر آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی