اسلام آباد– 30 R11; سيپٽمبر (اي پي پي) ٻو?? مت??ثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 133 اڏامون مت??ثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻو?? سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون 14 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، روس، يونان ۽ اٽلي جي هڪ هڪ ۽ سعودي عرب جون 10 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. انڊونيشيا مان به 2 اڏامون ٻو?? سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان کڻي هيستائين پاڪستان آيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ايرانمان 100 ٽن امدادي سامان ٽرڪن ذريعي پاڪستان پهتو آهي. ٻو?? سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻو?? مت??ثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات ۽ اومان مان امدادي سامان کڻي هڪ هڪ سامونڊي جهاز به پاڪستان پهتا آهن.
ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ