اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 12 ۽ 13 آڪٽوبر تي آستانه قازقستان ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهه اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ عل??ئقائي ۽ عالمي سطح تي اهم مسئلن خاص طور تي موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم عالمي ۽ عل??ئقائي امن ۽ پائيدار ترقي جي لاء?? پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو، هن عل??ئقائي ۽ ذيلي عل??ئقائي سطح تي حصيد??ري ۽ خودمختيار برابري جي بنياد تي سمورين رياستن سان خوشگوار لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سميت پاڪستاني عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي جي هدف کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ پائيدار ترقي جي لاء?? پاڪستان جي ڪردار کانسواء?? پاڪ چين اقتصادي لنگهه سميت مختلف قدمن جي ذريعي ايشيا ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ۽ ان کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪر??ري حيثيت کي نقصان پهچائڻ جي سمورن قدمن بشمول والاريل عل??ئقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلي ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه جي گنجائش کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. بيان موجب سيڪا هڪ بين الحڪومتي قدم آ??ي جن??ن جو مقصد ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. 27 ميمبر ملڪن تي ٻڌل سيڪا سڄي ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جو هڪ فورم آهي. پاڪستان سيڪا جي باني ميمبرن مان هڪ آهي ۽ هو ان جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي.
وزيراعظم سيڪا جي ڇهين سربراهه اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں