اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير ??ينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي وڏ?? وزير ??يد مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ۾ اطلاعات وارو صوبائي وزير ??رجيل ان??ام ميمڻ، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ناڻي واري وزير ??سحاق ڊار سنڌ جي وڏ?? وزير ??يد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سنڌ جي وڏ?? ??زي?? ناڻي واري ??زي?? کي غير معمولي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، ناڻي واري ??زي?? ٻوڏ جي تباهڪارين سبب پيدا ٿيل هن مشڪل گهڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ٻوڏ متاثر ماڻهن جي رليف، بحالي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.
وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب