اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي، عمران خان پنهنجي ??ياسي مفادن جي لاءِ سن??ين راند کيڏي، قومي سلامتي کي خطري ۾ وڌو، پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي چوي ٿو ته آمريڪي سازش واري ڳالهه ختم، ”اڄ امپورٽيڊ“ ۽ ”رجيم ??ينج“ جي ڪوڙن بيانن تان دستبردار ٿي و??و، عمران خان ائين نه هلندو، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فنانشل ٽائيمز کي انٽرويو تي پنهنجي ??دعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته عمران خان! آمريڪي سازش جو بيانيو پٺتي وجهڻ سان ڳالهه ختم نه ٿيندي، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، جنهن بيانني تي توهان پوري ملڪ ۾ انتشار ۽ ڪوڙ پکيڙ??و، جواب ڏيڻ کانسواءِ رڳو دستبرداري ڪافي نه آهي. هن چيو ته اڄ رڳو عمران کان سوال نه پر عمران جي ڳالهه تي يقين ڪندڙن ۽ ڪوڙي، ملڪي مفاد سان راند کيڏيندڙ فارن فنڊيڊ فتني جي ڳالهه ٻڌندڙن جي لاءِ به سواليه نشان آهي. هن چيو ته پارليامينٽ، پاڪ فوج، ادارن کي غدار قرار ڏئي رڳو اهو چئي ڇڏڻ سان ڳالهه ختم نه ٿي ٿئي ته “it’s behind me and its over” ، ائين نه عمران خان! ائين نه آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ڪوڙ جي لاءِ آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، عمران خان ملڪ کي ستياناس ڪري اڄ آمريڪي سازش جي ??يانيي تان دستبردار ٿي ويو آهي، ڇا هن پنهنجي ??امين کي پاگل ۽ رڍون ٻڪريون سمجهي رکيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان آمريڪي سازش، امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم ??ينج جو بيانيو پٺتي ان لاءِ وڌو ڇو ته اهو ڪڏهن موجود ئي نه هو. عمران خان اڄ امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم ??ينج جي ڪوڙي بيايي تان دستبردار ٿي ويو آهي. اڄ نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان اقتدار جي لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي سن??ين خطرن ۾ وڌو. عمران خان اقتدار جي هوس ۾ ملڪي مفادن سان سن??ين راند کيڏي، چالون هليون. اقتدار جي هوس ۾ ملڪ ۽ قوم کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. قوم کي ڪوڙ سيکاري هاڻي چوي ٿو ته آمريڪي سازش واري ڳالهه ختم؟ سپريم ??ورٽ کي اپيلون ڪندو رهيو ۽ هاڻي آمريڪي سازش واري ڳالهه ختم؟ عمران خان پنهنجي ڪوڙ سان نه رڳو قومي سلامتي کي خطري ۾ وڌو پر پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي پڻ تباهه ڪرڻ جي ??ازش ڪئي. عمران خان پنهنجي ??ياسي مفادن جي لاءِ ملڪي مفادن سان سن??ين راند کيڏي.
نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون