اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر اسد مجيد خان کي ن??ون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي ن??ين پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پاڪستان فارن سروس جو سين??ئر آفيسر آهي ۽ کيس پاڪستان جي 31 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان 34 سالن تي ٻڌل پنهنجي سفارتي ڪير??ئر دوران ڪيتريون ئي اهم سفارتي ذميواريون ادا ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پاڪستان جي سفير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (اولهه ايشيا)، آمريڪا ۾ پاڪستان جي عبوري ن??ظم الامور، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (پرڏيهي معاملا)، ڊائريڪٽر جنرل (گڏيل قو??ون) ۽ گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ منسٽر – قو??صلر جي عهدن تي به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڪيوشو يونيورسٽي جاپان مان انٽرنيشنل ??ڪن??مڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena