اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا ج?? بادشاهه چارلس III ۽ ملڪه ڪنسورٽ ڪيميلا ج?? تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪ?? جي لاءِ مئي جي پهرين هفتي برطانيا ج?? دورو ڪندو. وزيراعظم 6 مئي تي برطانوي بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم 5 مئي تي لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻ جي لاءِ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن تقريبن ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرف??ون ملاقاتون به ڪندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ج?? لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا متحرڪ پاڪستاني – برطانوي ڪميونٽي ۾ مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اسان برطانوي بادشاهه ۽ شاهي خاندان کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جي دوست طور ڏسون ٿا ۽ پاڪستان ۽ برطانيا ج?? وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون.
وزيراعظم برطانيا جي بادشاهه چارلس (ٽي) ۽ ملڪه ڪنسورٽ ڪيميلا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مئي جي پهرين هفتي برطانيا جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں