اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستا?? جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جو ضامن آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالا دور ۾ اهڙي پراسرار سينسرشپ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو، ان وقت جي وزيراعظم کي عالمي ادارا ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ جو شرمناڪ خطاب ڏنو، عمران ??ان نه رڳو صحافي?? جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، گوليون هنيون. صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت پريسجي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. پاڪستا?? جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جي ضمانت ڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انهن صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن سچ جي ڳولا ۾ پنهنجي جانيون وڃايون. هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ اهڙي ”پراسرار سينسرشپ“ جاري هئي جنهن صحافين کي خوفزده ڪيو. هن چيو ته 2017ع ۾ ورلڊ پريس فريڊم انديڪس ۾ پاڪستان 139 ??ين نمبر تي هو، پي ٽي آءِ جي ميڊيا دشمن پاليسين جي ڪري پاڪستان جي درجابندي ۾ 12 پوائنٽ جي وڌيڪ گهٽتائي ٿي. ان وق?? وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي پريسفريڊم پريڊيٽر جو شرمناڪ خطاب ڏنو ويو، عمران ??ان پنهنجي چار سالا دور ۾ نه رڳو صحافي?? جو آواز بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، پي ٽي آءِ جو چار سالا دور صحافين جي لاءِ خطرناڪ دور هو. هن چيو ته عمران ??ان صحافت تي پابنديون هنيون، اهڙي طرح پابنديون لڳائڻ سان چار ڏينهن ته پنهنجو موقف ڏئي سگهجي ٿو پر آخرڪار سچائي مڃڻي پوي ٿي، اڳوڻي حڪومت رياست پاران صحافين جي زبان بندي جي لاءِ دٻاءُ وڌايو. هن پنهنجي غلطين تي نظرثاني ڪرڻ بدران پنهنجي ناڪامين جي ڪاوڙ صحافين ۽ صحافتي ادارن تي ڪڍي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ملڪ ۾ صحافت مڪمل طور تي آزاد آهي. هن چيو ته صحافي معاشري کي طاقتور بڻائين ٿا، چوڻي آهي ته معلومات ۾ طاقت آهي ۽ صحافي توهان کي اها طاقت ڏين ٿا. حڪومت صحافين جي تحفظ جي لاءِ عملي قدم کڻندي رهندي.
پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جو ضامن آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena