اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪت?? وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي ه?? وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو مملڪت?? وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخان?? جو افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخان?? جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪت?? وزير ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.
ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير 9 کان 11 مئي تي وفد سان پاڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil