اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ س??ڪا??ي شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن جي 37 اسڪيمن جي لاءِ 8000 ملين رپيا رکيا ويا آهن، انهن ۾ 31 جاري ۽ 6 نيون اسڪيمون شامل آهن، جاري اسڪيمن جي لاءِ 5500 ملين رپ??ا جڏهن ته نئين اسڪيمن جي لاءِ 2500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ايندڙ مالي سال ۾ پي ڪيو آئي انيشي ايٽو تحت جاري منصوبي جي لاءِ ايس ايم ايز بابت سرٽيفڪيشن انسنٽيو پروگرام جي لاءِ 150 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري پروگرام ڪمپيوٽر ريسرچ پروگرام جي لاءِ نئين مالي سال ۾ 190 م??ين رپيا رکيا ويا آهن. نئين اسڪيمن ۾ معياري ٻج جي تياري ۽ آبادگارن کي فراهمي جي اسڪيم جي لاءِ 600 ملين رپيا، بلوچستان جي ضلع دڪي ۾ منرل ريسورس سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ 300 ملين رپيا، اين بي سي ڪوئيٽا ۾ خضدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بلاڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ 200 ملين رپيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي تحت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن جي 37 اسڪيمن جي لاءِ 8000 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن