اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پش??ور جو دورو ڪندو ۽ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ هن چيو ته فاٽا يونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا فاٽا جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. هن چيو ته 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪ??مت جي دور ۾ رکيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پش??ور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو.
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná