اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگه?? سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي ايم ڊ?? سان ملاقات دوران پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ د??ست رهيا آهن ۽ هر حال ۾ هڪ ٻئ?? سان گڏ بيٺل رهيا. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ د??ست رهيا آهن، مون کي ياد آهي ته ڪهڙي طرح سريلنڪا جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ڊينگي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪئي، ان وقت ان وبا سان لاهور ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون هيون. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيڪ نيتي ۽ سٺي پاڙيسريت تي ٻڌل آهن، پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آئون سريلنڪن صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.
سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ