اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ??ار??ي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي مڪمل طور تي ناقابل ق??ول ق??ار ڏيندي چيو آهي ??ه اهي ??يمارڪس ??ار?? پاران پنهنجي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دشمني جي عڪاس ڪن ٿا. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو جهڙوڪ فيبروري 2019ع ۾ ??ار?? جي غلط مهم جوئي جي جواب ۾ ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويو هو. ترجمان چيو ته هي پهريون موقعو نه آهي ??و ??ار?? جي سياسي اڳواڻن ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت اهڙي قسم جا انتهائي غيرذميواراڻا ۽ فريب ت?? ٻڌل بيان ڏنا آهن. ترجمان چيو ته قوم پرستي ۽ پاڪستان مخالف جذبن کي هوا ڏئي سياسي مقصدن جي لاءِ بيان بازي کي معمول بڻايو ويو آهي. پاڪستان کي ??ار??ي سياسي معاملن ۾ گهيلڻ جو اهو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، اهي ??نتهائي غيرذميواراڻا بيان علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پڻ خطرو آهن ۽ انهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ ماحول کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ??ار?? جي اشتعال انگيزين ۽ غيرذميواراڻي رويي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار رهندي پاڪستان ذميواري سان ڪم ڪندو رهندو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سمورين ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تي ??ار?? جي دعويٰ تخيل تي ٻڌل آهي، نه تاريخ ۽ عالمي قانون، نه ئي اخلاقيات ۽ زميني حالتون ??ار?? جي ان فريب جي تصديق ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري ان کي پنهنجو ڌيان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ق??اردادن تي مڪمل عملدرآمد طرف ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ چيو ويو آهي ??ه علائقي جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ٿيڻو آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀ??ئر?? ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون