اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم شهداءِ پوليس جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي فرض شناس فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، جن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ شهادت ماڻي ??هي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ??نگ جتي پاڪ فوج جون لازوال قربانيون آهن، اتي پوليس جي جوانن پڻ ه?? موقعي تي دشمن جا ناپاڪ ار??دا خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند عوام پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان ملڪ جي انهن سمورن پٽن، ڌيئرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي پنهنجي ملڪ جي خدمت تي سلام پيش ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena