ا??لا?? آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعيت علماءِ ا??لا?? (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي وڃي باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ ا??لا?? جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ ا??لا?? جي ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائينداسين. نگ??ان وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. مولانا فضل الرحمان انوارالحق ڪاڪڙ کي نگ??ان وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي م??ار??باد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه آمد، ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔