اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دنيا جي سمورين ??رقي يافته قومن پنهنجي ٻولي جي ذريعي ترقي ڪئي آهي، ان مقصد جي لاءِ لاڳاپيل ادارا عالمي تجربن مان فائدو کڻي قومي ٻولي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ ڳالهائيجندڙ سمورين ٻولين ??ي اهميت اجاگر ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اردو جي فروغ جي لاءِ ايئر يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ بين لاقوامي مڪالمي جون سفارشون پيش ڪرڻ جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثه ڊويزن جو سيڪريٽري عامر حسن، قومي ٻولي جي فروغ واري اداري جو چيئرمين ??فتخار ??ارف، ايئر يونيورسٽي جي سوشل سائنسز فيڪلٽي ??و ڊين ڊاڪٽر وسيم شهزاد ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر چيو ته اردو جي فروغ جي لاءِ لس??نيات جي جديد اصولن جي موجب تحقيق ۽ ترقي جو ڪم تمام گهڻو پهرين ??روع ٿيڻ گهربو هو.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش