حاف?? آباد – 31 جنوري (??ي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد ن??از شريف اقتدار جي نه پر سدائين قدرن جي سياست ڪئي آهي، محمد ن??از شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، توانائي بحران مان ڪڍيو. هو حاف?? آباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. قومي صحت وار?? وفاقي وزير سائره افضل تارڙ پڻ تقريب ۾ شريڪ هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ??ين??ي چيو ته حلف نامي ۾ هڪ اهڙي شيءَ جو به اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪندو هجي ڇو ته جهڙي طرح صحافي پنهنجي قلم جي طاقت ذريعي واقعي يا خبر جي اصل مقصدن کي پيش ڪن ٿا ان سان پاڪستان مستحڪم ٿئي ٿو ۽ انهن سمورين شين جي آگاهي ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی