اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي و??ير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته فاٽا ۽ پاٽا جي انضمام کان اڳ وفاقي ٽيڪسن جي صورتحال کي برقرار رکيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا سموري نوعيت جي وفاقي ٽيڪسن کان ڇوٽ جي منظوري ڏني آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فاٽا جي لاءِ ليگل فريم ورڪ جي حوالي سان ??فاقي ۽ صوبائي ڪميٽين جي اتفاق راءِ سان تيار ٿيندڙ آرڊيننس جاري ٿي ويندو، محمد نواز شريف سميت ڪنهن به قيدي کي پنجاب جيل مينوئل موجب سهولتون فراهم ٿيڻ گهرجن. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. سينيٽر عطا محمد، سينيٽ?? حبيب الله، سينيٽر خانزاده خان، سينيٽر م??ان عتيق ۽ ٻيا پڻ ان ??وقعي تي موجود هئا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا اڳوڻي فاٽا/ پاٽا جي علائقن ۾ شروعاتي طور 3 مهينن جي لاءِ وفاقي ٽيڪسن جي ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
فاٽا ۽ پاٽا جي انضمام کان اڳ وفاقي ٽيڪسن کي برقرار رکيو ويو آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II