اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بحران واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قو??ي پاڻي پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل مسودو جوڙيو وڃي. هو نيشنل واٽر ٽاسڪ فورس جي پهرين اج??اس کي خطاب ڪري رهيو هو. اج??اس ۾ حڪومتي ادارن جي واٽر سيڪٽر جي اعليٰ عملدارن ۽ پاڻي شعبي ۾ وسيع تجربو رکندڙ تعليمي ماهرن پڻ ??رڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير اعليٰ سطحي قو??ي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جيڪو ملڪ ۾ پاڻي جي تحفظ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري. واضح رهي ته 1947ع ۾ پاڪستان ۾ في ڪس ساليانو پاڻي جي دستيابي 5 هزار 260 ڪيوبڪ ميٽر هئي جيڪا 2018ع ۾ هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽر کان به گهٽ سطح تي اچ?? وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج