اسل??م آباد – 16 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب وا??ي خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته هڪ طرف ڪورونا وا??رس کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻئي طرف ڪرپشن سان وڙهي رهيا آهيون، ??ا ڪرپشن جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ نااهلي آهي؟ ڇا غريب عوام جو خيال رکڻ ۽ انهن کي رل??ف ڏيڻ نااهلي آهي؟ ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، شهباز شريف لنڊن ڀڄي وڃڻ بدران عدالت کي ۽ عوام کي پنهنجي ڪرپشن تي جواب ڏي، ڪڪس بيڪس جا 16 ڪروڙ شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيڻ جي پوري ٽريل موجود آهي، شهباز شريف جي خلاف نيب ريفرنس حتمي مرحلن ۾ آهي، ان ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ