ملتان – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته عوام جو تحفظ ۽ غربت جو خاتمو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اربين روپين جي ماليت جو احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام مستحق ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙهه اسڪول ??لتان ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو، ثانيه نشتر ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو پهريون مرحلو 15 سيپٽمبر تي ??ڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته اهي ??اڻهو جيڪي ان پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جي باجود بائيوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ سبب امداد جي رقم وصول ??ه ڪري سگهيا انهن کي لاڳاپيل بئنڪ برانچن کان 30 سيپٽمبر تائين رابطو ڪرڻ گهرجي ته جئين اهي ??نهنجي رقم حاصل ڪري سگهن، هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته ان جي وارثن کي ان جي فوتگي جو سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان حاصل ڪري نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پوءِ اها رجسٽريشن احساس پروگرام جي آفيس کي 30 سيپٽمبر تائين موڪلي وڃي.
عوام جو تحفظ ۽ غربت جو خاتمو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: ڊاڪٽر ثانيه نشتر
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری