اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عدالت کي گهربل جوابدار نواز شريف کي برطانيه کان واپس آڻڻ جي لاءِ قانوني ۽ سفارتي ذريعا استعمال ڪري رهيا آهيون، 15 جنوري 2021ع تائين محمد نواز شريف ڪوٽ لکپت يا ڪنهن ٻي جيل ۾ هوندو، ڪرپشن زده مخالف ڌر جي اصل جاءِ جيل ??هي?? سنڌ واقعو هڪ ڊرامو ??هي?? حقيقت ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ۾ گيم ڪري رهيون آهن، ڪيپٽن صفدر گرفتاري جي وڊيو فوٽيج سنڌ حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪيترن ئي دعوائن ۽ سفيد ڪوڙ تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، دروازو ٽوڙڻ، ڇڪتاڻ يا زبردستي ڪٿي به نظر نه آ??ي، انهن جي سياست ختم ٿي وئي، مسلم ليگ ن ورهائجي رهي ??هي?? رٽائرڊ ڪيپٽن محمد صفدر جي گرفتاري سنڌ حڪومت ۽ پوليس جو معاملو ??هي?? پيپلزپارٽي جو ڪردار ڄاڻون ٿا، 18 هين ترميم جو مقصد به واضح ٿي چڪو آهي ته اهو وفاق کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي سياست ڪوڙ، منافقت ۽ رياڪاري تي ٻڌل ??هي?? مريم نواز جي چهري تي اڄ پريشاني ۽ بوکلائٽ جو آثار نمايان هئا. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرن?? کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير ??بلي فراز چيو ته ميڊيا چئنلز تي ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري جي سي سي ٽي وي فوٽيج نشر ٿي ??هي?? ان فوٽيج ۾ انهن جي دعويٰ موجب ٽ??ل دروازو نه ڏيکاريو ويو، فوٽيج موجب محمد صفدر اطمينان سان پوليس جي حراست ۾ هو، مريم صفدر جي حوارين ڪيترائي ڀير چادر ۽ چارديواري جي تحفظ جو ذڪر ڪيو، اهي ماڻهو وساري ويٺا آهن ته هنن پنهنجي دور ۾ ماڊل ٽائون واقعي ۾ عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو، انهن ماڻهن طرفان محترمه بينظير ڀٽو جي ڪردار ڪشي سان سڀ واقف آهن.
نواز شريف 15 جنوري تائين ڪوٽ لکپت يا ڪنهن ٻي جيل ۾ هوندو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل