اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مل??ي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 192 مل??ن جي لاءِ پاڪستاني ويزا کي آن لائين ڪرڻ جي سفارشن، نيشنل ايسيٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ مسودو قانون واري وزارت ڏانهن موڪلڻ، تصفيي جي متبادل نظام جي حوالي سان قانون تحت غيرجانبدار شخصيتن تي ٻڌل پينل جي ??وڙ???? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان خصوصي ڪميٽي کي 6 هفتن ۾ پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي معاملي جي مستقل حل جي حوالي سان پرعزم آهي ته موجوده حڪوم?? جي دور ۾ گم ٿيل ماڻهن جو ڪو واقعو ناهي ٿيو، وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته سينيٽ ۾ پئسي جي ذريعي اچڻ جو رستو سدائين جي لاءِ روڪيو وڃي ان جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ۽ آئيني ترميمون ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ماضي ۾ اهڙو ڪو مثال نه ٿو ملي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا مرحوم شاهد گوندل جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن پاران مختلف شخصيتن کي فراهم ڪيل پوليس اسڪواد جا سمورا تفصيل طلب ڪيا وڃن ته جيئن ان نظام کي منظم (ريشنلائيز) ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته غيرضروري پوليس اسڪواڊ جي فراهمي رياستي وسيلن جو زيان آهي جيڪو موجوده حڪوم?? جي پاليسي جي خلاف آهي. قبضا مافيا جي خلاف جاري مهم جي حوالي سان ڳالهائيندي مختلف وزيرن ٻڌايو ته سول ايوي ايشن، ريلوي وغيره جهڙن سرڪاري ادارن جي هزارين ايڪڙ زمين غيرقانوني قبضي ۾ آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل اڍائي سالن ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمين آزاد ڪرائي وئي آهي. ڪابينا جي سامهون پنجاب صوبي ۾ آزاد ڪرايل زمين جا تفصيل پيش ڪندي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ هيستائين 210 ارب رپين جي زمين آزاد ڪرائي وئي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ نه رڳو قبضا مافيا جي سرڪاري سطح تي سرپرستي ڪئي وئي پر ڪجهه سياسي پارٽين جون شخصيتون به غيرقانوني قبضن ۾ ملوث رهيون آهن. هيستائين 36 سياسي شخصيتن کان 24 ارب رپيا مالي?? جي 8 هزار ايڪڙ زمين آزاد ڪرائي وئي آهي. اجلاس آڏو اڳوڻي حڪومت سان تعلق رکندڙ مختلف شخصيتن ۽ انهن جي قبضي مان آزاد ڪرايل زمين جا تفصيل پيش ڪيا ويا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري زمين جو مڪمل رڪارڊ رکڻ، سرڪاري مل??يتن کي غيرقانوني قبضن کان آزاد ڪرائڻ ۽ انهن جو موثر استعمال يقيني بڻائڻ جي لاءِ نيشنل ايسيٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان تجويز ڪيل قانون جو مسودو قانون واري وزارت ڏانهن موڪليو ويو آهي. قانون واري وزار?? جي منظوري سان مسودي کي قانوني شڪل ڏيڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. ڪابينا کي نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت جاري مختلف منصوبن خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي ڇ?? جي فراهمي جي حوالي سان شروع ڪيل منصوبن ۾ هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا 192 ملڪن جي لاءِ پاڪستاني ويزا کي آن لائين ڪرڻ جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی