اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاملن تي مفاد حاوي ٿي چڪا آهن جڏهن ته دنيا کي هن وقت انسانيت ??اء?? اخلاقيات تي ٻڌل عالمي نظام جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت ۽ اخلاقيات تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ جي دور ۾ دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان به وڌيڪ وڏا خطرا درپيش آهن. هو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري اسلام آباد ڪانڪليو 2021ع جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر غريب ملڪن مان مني لانڊرنگ جي ذريعي س??مائي جي امير ملڪن ڏانهن منتقلي جو ذڪر ڪندي چيو انهن مسئلن جي حل ??اء?? اخلاقيات تي ٻڌل نئون ??المي نظام وقت جي ضرورت آهي، هن ٿنڪ ٽينڪس جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته حڪومت ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ فاصلو آهي ڇو ته پارليامينٽ جا ميمبر ۽ حڪومتي ميمبر ڪڏهن ڪڏهن تحقيقي مواد جو مطالعو ڪندا آهن. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل جنگ کانپوءِ يورپ تڪرارن جي خاتمي تي اتفاق ڪيو پر ان جي ابتڙ ٻين خطن ۾ اهو سلسلو جاري رهيو جنهن جو مثال عراق ۽ افغانستان جون ??نگيون ??هن، دنيا کي قومن جي وچ ۾ هٿيارن جي مسلسل ڊور جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ان جي بدران دنيا کي غربت ۾ گهٽتائي جي ??اء?? پنهنجي عزم کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن تي بدقسمتي س??ن ڌيان نه ڏنيون پيون وڃن، ان جي بدران، اين جي اوز ۽ بل گيٽس جهڙن عظيم ماڻهو ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، صدر سڄي دنيا زور تي هو انهن روين تي نظرثاني ڪري ڇو ته خدشو آهي ته نئين قسم جي جنگ انسانيت ??اء?? تباهي آڻيندڙ هوندي. صدر عارف علوي ٿنڪ ٽينڪ جي ??ار?? ۾ شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي دلچسپي س??ن آگاهه ڪندي چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد جهڙا ادارا پنهنجي حقيقي ڪمن جي ذريعي طريقي تجويز ڪري دنيا کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪري سگهون ٿا.
معاملن تي مفاد حاوي ٿي چڪا آهن: ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس