اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، وقت ا??ي ويو آهي ته دنيا ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو نوٽيس وٺي. ڪش??ير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته ڪش??ير ۾ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جو اهتمام عالمي برادري جي ذميواري آهي. گڏيل قومن تي لازمي آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي ماڻهن جي خراب حالت ۽ ڀارتي رياست جي ظالماڻي عسڪري قبضي کان آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي انهن جي ناقابل اعتراض ۽ انڪار خواهش کي نظرانداز نه ڪري. وزيراعظم چيو ته وقت ا??ي ويو آهي ته دنيا ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين، جن ۾ نسل ڪشي سميت انسانيت جي خلاف ڏوهن ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي سميت جنگي ڏوهه شامل آهن ۽ جنيوا ڪنيونشن جي واضح خلاف ورزي آهي جو نوٽيس وٺي. وزيراعظم چيو ته خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مودي جي ڏاڍ ۽ تشدد تي ٻڌل فسطائي پاليسيون به والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڪشميرين جي مزاحمت جو روح ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.
پاڪستان خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن