اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ صحت ۽ تعليم سميت سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??اء?? ڪميونٽي ورڪرز کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، صحت، تعليم سميت سماجي خدمتن جي فر??همي مديني جي رياست ??و ويزن آهي ۽ پاڪستان تهريڪ انصاف جي موجوده حڪومت انهي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سهولت پروگرام تحت سماجي عوامي صحت جي تحفظ کي مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام هيلٿ سروسز اڪيڊمي ۽ جرمني جي اداري جي آءِ زيڊ ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جرمني جو صحت جي سهولتن جي فر??همي جي حوالي سان تاريخي ۽ پراڻو تجربو آهي، پاڪستان تهريڪ انصاف قائم ٿيڻ جي موقعي تي جيڪو منشور تيار ڪيو ويو ان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ترجيح ڏني وئي ڇو ته سامجي خدمتن جي حوالي سان صحت ۽ تعليم جي فر??همي مديني جي رياست ??و ويزن هو، جن قومن صحت ۽ تعليم کي ترجيح ڏني انهن قومن ترقي ڪئي. هن چيو ته صحت خراب ٿيڻ تي محنت جي ڪمائي علاج تي خرچ ٿي وڃي ٿي، غريب ماڻهو پنهنجو علاج ڪرائڻ جي ??اء?? پنهنجي ملڪيت وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ خاندان جو مالياتي نظام متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته بيماري کان بچاءُ، وقت سر سُڃاڻپ ۽ علاج سان ئي ان جي روڪٿام يقيني بڻائي سگهجي ٿي. هن چيو ته صحت سهولت ڪار?? بهترين قدم آهي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ شهرين کي صحت سهولت ڪارڊ فر??هم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به جلد اها سهولت فر??هم ڪئي ويندي، ان ڪارڊ سان پوري ڪميونٽي جي انشورنس ٿيندي، ان ڪارڊ جي استعمال جو جائزو وٺڻ پڻ ضروري آهي، هيلٿ سروسز اڪيڊمي کي ان جي ذميواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ ۾ ڪرپشن جو ڪو امڪان نه آهي. هن چيو ته آن لائين تعليم سستي آهي ۽ آن لائين طريقي سان ڏورانهن علائقن ۾ تعليم فر??هم ڪري سگهجي ٿي، اهڙي طرح صحت جي شعبي ۾ جديد ذريعن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هن پوليو کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان صحت واري وزارت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پوليو ورڪرز پوليو جي خاتمي ??اء?? تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. صدر چيو ته صحت سميت ٻين شعبن ۾ سماجي خدمتن جي فر??همي ??اء?? هيلٿ ورڪرز ۽ ڪميونٽي ورڪرز جي خدمتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، معاشرتي مسئلن جي حل ۾ مسلمان معاشري ۾ مسجدن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، عالم سڳورن، دانشورن ۽ ڪميونٽي جي ورڪرز کي سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مسجدن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ تعليم بالغان جي ??اء?? استعمال ڪري سگهجي ٿي، خيبرپختونخواهه ۾ مسجد جي امام کي ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته خوراڪ جي کوٽ، ٻارن ۾ غذائي کوٽ سميت ٻين مسئلن بابت ڪميونٽي ورڪرز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي ??اء?? ماءُ جو کير پيارڻ ضروري آهي. هن پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ تعاون تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي سهولت ڏني پئي وڃي، ان قدم سان صحت جي سهولتن جي فر??همي جي معيار ۾ بهتري آئي آهي، ڪيتري ئي آبادي کي صحت جي هڪ جهڙين سهولتن جي فر??همي وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته جرمن ڊيولپمينٽ ڪارپوريسن (جي آءِ زيڊ) پاڪستان جو وڏو حصيدار آهي، عوام ۾ صحت جي دستياب سهولتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ اهم آهي. جرمن سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن ڊاڪٽر فلپ چيو ته جرمني پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي ??اء?? صحت سهولت پروگرام ۾ ڀرپور معاونت ڪري رهيو آهي، اهو پائيدار ترقي هدفن جو به اهم نقطو آهي. هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي خان صحت سهولت پروگرام جا مقصد بيان ڪيا.
صحت، تعليم سميت سماجي خدمتن جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa