اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته عالمي قراردادن موجب ??لس??ين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا، اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ??ردار ادا ڪرڻ گهرجي. او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو پاڪستان جو ٿورائتو آهي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي شاندار آجيان ڪئي. هن پاڪستان جي 75 هين پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ قوم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي خوشحالي ۽ وڌيڪ ڪاميابين جي دعا ڪئي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري مسلمان امت جي ڪاميابي آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان پاران قرارداد پيش ڪرڻ ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڪردار تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن بين المذاهب هم آهنگي ??ي فروغ ۾ مددگار ٿين??و، سعودي عرب ??لس??ين مسئلي تي ??لس??ينين جي حمايت جاري رکن??و، اسان عالمي قراردادن موجب ??لس??ين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ آزاد ??لس??يني رياست قائم ڪرڻ اتان جي عوام جو حق آهي. هن چيو ته يمن ۾ حوثي مليشيا کي هٿيارن ??ي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي. يمن جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري هيا آهيون. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ??ردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ انساني بنيادن تي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ هڪ خوش آئنده قدم آهي. ان فنڊ ذريعي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪري سگهبي.
عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا: سعودي پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش