اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صو??ائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ورڪرز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي، صو??ائي اسيمبلي ميمبرن حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سعيد آفريدي، جمال صديقي، شاهنواز جدون، عل?? عزيز، شهزاد قريشي، پارٽي ميمبرن ڊاڪٽر سيما ضياءَ، عدنان اسماعيل، محسن گهمڻ، ملڪ عارف عدنان، راجيش ڪمار، رميش ڪمار ۽ امين محمد شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ??ندڙن وزيراعظم کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شرڪت ??ندڙن کي پنهنجي تڪن ۾ پارٽي کي منظم ڪرڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوامي فلاحي منصوبن تي ا??ڀرائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ورڪرز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد