اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس پارٽي مس??حي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪ??ي، نالائق، نااهل، فاشٽ، ڪرپٽ ۽ چورن کي عوام جلسي لاءِ جڳهه نٿي ڏيڻ چاهي ت?? ان ۾ حڪومت ڪٿان اچي وئي؟ جيڪڏهن عوام کين جلسي لاءِ نجي ملڪيتي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ت?? ان ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله جو ڪهڙو ??صو?? آهي، عمران نيازي چاهي ٿو ته رانا ثناءُ الله زور زبردستي نجي ملڪيت تي جلسي جو بندوبست ڪرائي، عوام عمران خان جي غلام نه آهي، حڪومت قانون تحت اها جاءِ عمران نيازي کي جلسي لاءِ نٿي ڏئي سگهي جيڪا نجي ملڪيت آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مس??حي برادري پنهنجي جڳهه جلسي جي لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آه?? ڇو ته اها جاءِ عبادت لاءِ مخصوص آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان مس??حي برادري جو احترام ڪ??ي، غنڊا گردي نه ڪري، هن چيو ته مس??حي برادري سراپا احتجاج آهي، حڪومت انهن جي احتجاج کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عمران نيازي مذهبي منافرت پکيڙي انهي جاءِ ت?? ڇو جلسو ڪرڻ تي بضد آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گورنمينٽ مري ڪاليج گرائونڊ ۽ اسپورٽس جمنازيم پسرور تي جلسو ڪرڻ جي تجويز ڇو قبول ناهي؟ ان جو صاف مطلب آهي ته عمران نيازي صرف ڊراما ڪرڻ چاهي ٿو، ان جو مقصد صرف تماشو لڳائڻ آهي، هن چيو ته مسلم ۽ غير مسلم مذهبي اڳواڻ عمران نيازي کي سمجهائين ته مس??حي برادري جي جذبن جو احترام ڪ??ي.
عمران خان ۽ سندس پارٽي مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون